راشد منهاس

راشد منهاس

راشد منهاس

راشد منهاس: راشد منهاس، پاڪستان جي فضائي فوج جو پائلٽ هو. راشد منهاس ولد عبدالمجيد منهاس، 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد عبدالمجيد منهاس پاڪستان فوج ۾ گيريزن انجنيئر هو. هن سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. 1969ع ۾ پي. اي. ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ داخل ٿيو. مارچ 1971ع ۾ تربيت مڪمل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيو، 15 آگسٽ 1971ع تي هن پنهنجي آخري تربيت مڪمل ڪئي ۽ پائليٽ آفيسر بڻيو. 20 آگسٽ 1971ع واري ڏينهن کيس اڪيلي سر اڏام ڪرڻي هئي، ان وقت ڀارت، بنگلاديش جي قيام جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ته هن جو جهاز اڃا رن وي تي موجود هو ته کيس بنگالي انسٽرڪٽر فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان رن وي تي نظر آيو، جنهن کيس روڪڻ جو اشارو ڪيو، هن جهاز بيهاري سبب معلوم ڪيو ته بنگالي انسٽرڪٽر هڪدم ٽپو ڏئي ڪاڪ پٽ ۾ داخل ٿي ويو ۽ هن جي پٺينءَ سيٽ تي قبضو ڪري ورتو. ان کان پهرين جو راشد ڪجهه ڪري سگهي، انسٽرڪٽر ڊبل ڪنٽرول کان فائدو وٺي پرواز شروع ڪري ڇڏي ۽ جهاز جو رخ ڀارت طرف ڦيري ڇڏيو، مطيع الرحمان وٽ ڪجهه اهم دستاويز هئا، جيڪي کيس ڀارتي حڪومت کي ڏيڻا هئا، هن پنهنجي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٻن دوستن کي وائرليس تي پيغام ڏنو ته هُو جوڌپور وڃي رهيو آهي، ان ڪري سندس خاندان کي ڀارتي هاءِ ڪميشن جي دفتر پهچايو وڃي ته جيئن کين پناهه ملي سگهي. سندس پيغام ٻڌندي ئي هن کي خبر پئجي وئي ته جهاز کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ان دوران مطيع الرحمان، راشد منهاس کي ڪلورو فارم سنگهائي بيهوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڀرپور مزاحمت ڪئي، جڏهن جهاز ڀارت کان اڃا چاليهه ميل پنڌ تي هو ته هن آخري دفعو ان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت کانپوءِ جهاز زمين تي ڪيرائي وڌو. اهڙيءَ طرح هن مخالف جي منصوبي کي ناڪام بڻايو. 21 آگسٽ 1971ع تي هن کي پوري فوجي اعزاز سان ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فضائيه جي چيف ايئر مارشل اي رحيم خان هن لاءِ ’ستاره جرات‘ جو اعزاز ڏيڻ جي سفارش ڪئي، پر هن جي ڪارنامي کي ڏسي صدر مملڪت هن کي اعليٰ ترين فوجي اعزاز ’نشان حيدر‘ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.


لفظ راشد منهاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.02.17  عيسوي

راشد منهاس، پاڪستان جي فضائي فوج جو پائلٽ هو. راشد منهاس ولد عبدالمجيد منهاس، 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


1971.08.15  عيسوي

15 آگسٽ 1971ع تي هن پنهنجي آخري تربيت مڪمل ڪئي ۽ پائليٽ آفيسر بڻيو.


1971.08.21  عيسوي

21 آگسٽ 1971ع تي هن کي پوري فوجي اعزاز سان ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چارڻ سُمنگ
روشن الدين روشن
عبدالڪريم ميربحر
احفاظ الرحمان
پاڻيڻي
بي ايڇ ايلس
سوامي ليلا شاهه
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي
پير حسن ڪبير الدين رح
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون